سُر بهار

سُر بهار

سُر بهار

سُر بهار (ساز): هي تار وارو ساز ستار وانگر ئي آهي، جنهن کي جهيڻي ستار به چون. هن ساز کي خاص طور پڪي راڳ دوران استاد وڄائيندا آهن. جيتوڻيڪ هيءَ ستار ئي آهي، پر هن جو آواز ڪجهه جهيڻو ٿئي ٿو. هي ساز 130 س. م يا 51 انچ ڊگهو ٿيندو آهي. هن جو آوازي کوکو اڪثر گول ٿيندو آهي، جنهن جي وچ تي تارن کي مٿي رکڻ لاءِ بِرج ٿيندي آهي. هن ڏنڊيءَ جي پوڇڙ ۾ ڳٽيون آوازي کوکي جي مٿان ويڙهيل هونديون آهن. هن ۾ 4 تارون چڪاريءَ جون ۽ 15 کان 17 واڌو تارون ٿين ٿيون، جيڪي سُر جهلائڻ جي ڪم اينديون آهن ۽ مختلف سرن تي رکبيون آهن. هي ساز ساڳ جي ڪاٺ جو ٺهيل، مضراب جي ڌڪ سان وڄائبو آهي. ڪي وڄائڻ وارا ڪدوءَ جو کوکو ڳٽين جي هيٺيان ڏنڊي جي پڇاڙيءَ ۾ به هڻندا آهن، جنهن سان آواز ۾ لرزش ٿيندي آهي ۽ وڻندڙ گونج نڪرندي آهي. هي ساز 1825ع ۾ استاد صاحبداد خان ايجاد ڪيو، پر تازي تحقيق مان خبر پئي آهي ته اصل ۾ هي ساز استاد غلام محمد خان، ستار نواز تيار ڪيو هو ۽ 1958ع ڌاري فلم ’جل ساگر‘ ۾ هي اڪيلو ساز وڄايو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو